ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي ملازم عورت کي هراسان ڪندڙ جنرل مينجر برطرف، وفاقي محتسب جي ريجنل ڪمشنر سنڌ احسان جتوئي عورت ملازم  عاليه  کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڏوھه  ۾ پي آءَ اي جي جنرل مينيجر محمد امجد کي نوڪري تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مٿس 10 لک روپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو، جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جنرل مينيجر امجد حسين  عورت ملازم کي جنسي لاڳاپا رکڻ لاءِ زور ڀريو ھو، انڪار تان کيس خراب جاءِ تي بدلي ڪري ڇڏيو،