ٽورنٽو (م ڊ) پاڪستان جي قومي ايئر لائين پي آءِ اي جو هڪ فضائي ميزبان ڪئنادا پهچڻ کانپوءِ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. گذريل ٻن سالن دوران ڪئناڊا مان گم ٿيل پي آءِ اي ملازمن جو انگ ست ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب فضائي ميزبان اعجاز علي شاهه پي آءِ اي جي اُڏام پي ڪي 781 ذريعي اسلام آباد کان ڪئناڊا پهتو. کيس 16 آڪٽوبر واري اُڏام پي ڪي 782 ذريعي واپس اسلام آباد روانو ٿيڻو هو پر هو ٽورنٽو هوائي اڏي تان پراسرار نموني گم ٿي ويو. اعجاز علي جي ڊيوٽي تي پهچڻ تي ڪئنيڊين بارڊر سيڪيورٽي فورس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پي آءِ اي پڻ طابطن واري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.