نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ سعيد خان چنا ۾ مڙس ملوڪ چنا پيڪين رسي ويٺل پنهنجي  زال شفيعه چنا کي گهرو اڻبڻت تان مائٽن جي گهران زبردستي وٺي رستي ۾ سخت  تشدد جو نشانو بڻايو ۽ فصلن مان وارن کان گهليندو گهر وٺي آيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ عورت جي ڀاءُ محبوب چنا جي فرياد تي مرزا پور ٿاڻي تي مڙس خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال سان وڙهيو آهي، جيڪا مڙس کان  ناراض ٿي مائٽن ۾ ويٺل هئي، اين سي داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو،