لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ ننڍڙي عهدي لاءِ جمهوريت کي قربان ڪيو آهي، دُنيا ۾ اهو پهريون مثال آهي ته حڪومتي ميمبرز اپوزيشن ليڊر کي سليڪٽ ڪري ڇڏيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پيپلز پارٽي تي ڇتي تنقيد، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پيپلز پارٽي کي سليڪٽ ٿيڻو آهي ته عمران خان جي کُليل نموني پيروي ڪري، افسوس جو ننڍڙي عهدي لاءِ پيپلز پارٽي باپ کان ووٽ گهري ورتا، باپ وارا پنهنجي بابي جي اجازت کانسواءِ ڪنهن جي به حمايت نه ڪندا آهن، پيپلز پارٽي کي مڃڻو پوندو ته باپ جي ميمبرز کين ووٽ ڏنو آهي، ڀاري ٿيڻ وڏي ڳالهه نه آهي، اسان به اصول قربان ڪريون ته سڄي ملڪ تي ڀاري ٿي وينداسين.