پيپلز پارٽي دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي: مراد علي شاهه

0
201
ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه
ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پشاور ڌماڪو دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، پاڪستاني قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي ۽ کين شڪست ڏني ويندي

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ ملڪي استحڪام لاءِ ضروري آهي، پيپلز پارٽي هميشا دهشتگردي جي نشاني تي رهي

هن چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ نيڪٽا سميت سمورين جوڙيل ڪميٽيز کي فعال ٿيڻو پوندو

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي روڪڻ لاءِ اپيڪس ڪميٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، عوامي سهڪار سان سنڌ ۾ دهشتگردي سميت انتها پسنديءَ کي رد ڪيو

مراد علي شاهه چيو ته  پشاور سانحو گذريل حڪومت جي ناقص پاليسي جو نتيجو آهي، چاهيون ٿا ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو ٿئي، پر جيڪو به ميئر آيو، اُن جو ڀرپور سهڪار ڪنداسين

هي به پڙهندا

پشاور پوليس لائنز ڌماڪو: شهيد ٿيلن جو انگ 93 ٿي ويو

خيبرپختونخواهه ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي: نگران وڏو وزير