پيپلز پارٽي خيرپور لاءِ بُري خبر، اميدوارن تي اعتراض

0
607
اميدوارن تي اعتراض
پيپلز پارٽي خيرپور لاءِ بُري خبر، اميدوارن تي اعتراض

خيرپور: ميونسپل ڪميٽي جي مختلف وارڊن تي پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن رٽرننگ آفيسر ڏانهن درخواستون لکي اعتراض واري ڇڏيا

ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 8 تي پي ٽي آءِ اميدوار حفيظ الرحمان ٻگهيو، آصف علي راجپوت ۽ وارڊ نمبر 13 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اميدوار ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي درخواستون اماڻي پ پ اميدوارن خلاف اعتراض واريا

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وارڊ نمبر 8 تي يار محمد ڦلپوٽو، وارڊ 9 تي سيد علي مدد شاهه ۽ وارڊ نمبر 13 تي احسان جماڻي پيپلزپارٽي جا اميدوار آهن پر انهن جا ووٽ ٻين وارڊن ۾ داخل آهن

مخالف اميدوارن موقف اختيار ڪيو ته پ پ اميدوارن جا ووٽ ڄاڻايل وارڊن ۾ داخل هئڻ بدران ٻين وارڊن ۾ داخل آهن، تنهنڪري اُهي انهن وارڊن تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا اهل نه آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم موجب اميدوارن جو جن وارڊن ۾ ووٽ داخل آهي ان وارڊ تان ئي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا