ٽنڊومحمدخان(رپورٽر) پيپلز ليبر بيورو تعلقي ٽنڊومحمدخان جو مڪاني چونڊن بابت اجلاس فيض  بلوچ جي رهائشگاھ  تي ٿي گذريو، جنهن کي خطاب ڪندي ڊويزنل اڳواڻ ماما اڪبر بروهي، ضلعي صدر حڪيم دستي،  غلام رسول جلالاڻي، دلدارمگسي، اڪبر نوحاڻي، ارباب چانگ، ڪامران ابڙو، فيض بلوچ ۽ ٻين چيو ايندڙ بلدياتي چونڊن بابت جوڙيل بورڊن توڙي ٽڪيٽن اندر پورهيتن کي نظر انداز ڪرڻ جو قيادت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي هنن چيو هتان جي آبادي واري تناسب سان پورهيت نوي فيصد آھن جنهن ڪري هتان پورهيت ورڪرن کي نظر انداز ڪرڻ جو سڌو سنئون ناڪاري اثر عام چونڊن تي پوندو.