ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات  واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس جي ايپليڪيشن، اي ڪارڊ سسٽم ۽ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي، ڪالهه ٽرانسپورٽ کاتي جي ٿيل اجلاس ۾ هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم ۽  اي ڪارڊ سسٽم جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلز بس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي فوري طور فعال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اليڪٽرڪ بسز جي چارجرز جي کوٽ جو خاتمو آندو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ جن روٽن تي بس سروس شروع نه  ٿي آھي، اتي جلد بس سروس شروع ڪئي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پيپلز بس جي اسٽاپن جو اڏاوتي ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.