پيپلزپارٽي ۽  سنڌي نيشنلزم

0
574

سنڌ  جي حالتن تي گهڻو ڪري غير پروفيشنل ماڻهو ٽيڪاٽپڻي ڪندا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي  مسئلن تي معياري چٽي ڳالهه نه  ٿيندي آهي، سنڌ ۾ سٺن تعليمي ادارن جي کوٽ سبب  سنڌ  تي سٺي معياري ريسرچ  ۽ بحث مباحثا ڌاريا ڪن ٿا  ته  ڌاريائپ جو وجهه وٺي سندن ريسرچ تي شڪ پيدا ڪرائي  فيوڊل سنڌ ۾ اهڙي سوچ  جي رستا روڪ ٿيندي آهي. لمس جي   پوليٽيڪل سائنٽسٽ عصمه فيض 2020ع ۾  In Search of Lost Glory _ Sindhi nationalism in Pakistan ڪتاب لکيو آهي ۽  مٿس به شڪ پيدا ڪرايا پيا وڃن ته هو پنجابڻ آهي ۽ قومپرستي کي ردعمل چوڻ واري  هوءَ ڪير ٿيندي آهي؟  پر اهڙي سطحي دٻاءَ  بدران اسان کي سندس پورو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. پيپلزپارٽي مان ذاتي مفاد  وٺندڙ سنڌي دانشور  عام  ماڻهن کي سڌو رستو  ڏيکارڻ واري  جرئت پاڻ ته  نه ٿا رکن پر  ننڍڙن ذاتي مفادن لاءِ پاڻ ۾   ٻڌي ڪري قومپرستي جي نالي ۾ سهولتن کان محروم  ڇروڇڙ سنڌي ماڻهن کي  پريشان ڪري پيپلزپارٽي جي جهول ۾ وجهڻ لاءِ ورڪ ۾ رڌل آهن. عصمه فيض کي سنڌ ۾ پذيرائي  ڏياري وڃي ڇو جو هوءَ  پاور کان درست سوال پڇڻ سيکاري ٿي  ته پيپلزپارٽي جي  عيار ٻهروپي سياست  ۽ ڪلچر ۽ ايڪٽوزم وسيلي  ٻئي نموني جي  سياست ڪندڙ گروهن جي نفسيات کان به  آگاهه ڪري ٿي. مون کي اها ڳالهه وڻي ته   پسمانده، پدرشاهي  سماج ۾ عورت ريسرچر  کي جن  ويري روين جو منهن ڏيڻو ٿو پوي، تن کي به  قلمبند ڪيو اٿائين. سنڌ جي پاور ڪاريڊور ۽ ادارن ۾ پهچڻ لاءِ جن  مخبرن  پهچ ڏياريس، انهن جي پيپلزپارٽي  سان وفاداري  ڏانهن به ڌيان ڇڪائي ٿي، جنهن سان  پروفيسر عصمه جي غير جانبداري  ظاهر ٿي آهي. عصمه فيض ڪلچر  ۽ ايڪٽوزم جي نالي ۾ پيپلزپارٽِي سان ٻڌل سنڌي دانشورن جي معمولي سنڌي قومپرستي Banal Nationalism تي  پورو باب لکيو آهي، ان ۾ حيدرآباد شهر جو ذڪر به آهي. ان لاءِ الڳ آرٽيڪل لکڻو پوندو. في الحال سنڌ جي مٿئين سياست تي لکجي.

1843ع ۾  چارلس نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن جي قبضي بعد  سنڌ ۾  زبردست تبديلي آئي.  انگريزن  سنڌي لکت ٺاهي، سنڌي ٻولي کي سرڪاري مقام ڏنو،  تعليم ۽ انتظاميه ۾ سنڌي ٻولي ڪتب آندي وئي،نهري نظام آندو ويو جنهن سان سنڌ جي معيشت تبديل ٿي ۽ زمينداري نظام به مضبوط ٿيو. پنجابين جي سنڌ ۾ آبادڪاري ٿي. سنڌ کي بمبئي  جي ماتحت علائقو  بڻايائون ته ان سيٽ اپ ۾ سنڌ جو  هندو شهري ڪلاس فائدي ۾ رهيو.  مسلمان  زميندار پٺتي رهجي ويا. وياجي شهري هندو ۽  ڳوٺاڻا مسلمان زميندار عام سنڌي ماڻهن لاءِ  مجموعي طور نقصانڪار آفتون رهيا. مسلمان زميندارن کي انگريزن ٽيڪ ڏئي  سنڌ ۾ فيوڊل راڄ  مضبوط ڪرايو هو.  زميندارن سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلائي ۽ پهريان سنڌي قومپرست بڻيا. 1935ع  واري  آئين ۾  سنڌ  کي بمبئي کان آزادي ملي هئي. 1937ع واري  پهرين اليڪشن ۾  عام ماڻهن کي ووٽ جو حق نه هو،  ملڪيت وارن کي ووٽ جو حق هو. سنڌ اسيمبلي  ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حڪومت ٺاهي، نه  مسلم ليگ  ۽  نه ڪانگريس کٽيو، ان سان سنڌي سياست جو  الڳ مزاج ثابت ٿئي ٿو.  چونڊن بعد  مسلمان ۽ هندو قومپرستي جو سوال  اهم ٿي ويو، سنڌ جا زميندار مسلم ليگ  ۾ شامل ٿيا  ۽ نيٺ پاڪستان قائم ڪرائي ورتو. ورهاڱو  سنڌ جي سياست ۾ اهم موڙ  ثابت ٿيو. ڳوٺن ۾  مذهب جي زور  واري سياست جي آڌار سنڌ جي شهرن مان هندن کان لڏپلاڻ ڪرائي وئي ۽ اتر انڊيا جي مهاجرن ويندڙن جي جاءِ ورتي. زميندار سنڌي قوم جا ٻه اڌ ڪري  روئڻ لڳا  ته هندو  هتان لڏپلاڻ نه ڪن ! ٻلي سئو ڪئا کائي هلي حج تي!پاڪستان  ۾ ڪراچي تي وفاق جو قبضو ٿيو،  اردو کي سرڪاري ٻولي  قرار ڏنو ويو،  سنڌي ٻولي ڪنڊائتي ٿي وئي. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهي سنڌ کي ويسٽ پاڪستان  جو ضلعو بڻايو ويو.  پاڪستان جي   بيوروڪريسي  صوبن جا حقن غصب ڪري ڇڏيا . ايوب خان جي  فوجي حڪومت ۾ سياست، ڪلچرل سرگرمين  وسيلي ٿيندي  هئي.  ون يونٽ واري وقت ۾  سنڌي قومپرستي  لاءِ  جي ايم سيد،  ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز    هلچل هلائي جن ۾ ٻيا  گمنام ۽ ڪي  جزوي نام ڪٺيا به شامل رهيا هوندا. بيوروڪريسي جي سوچ ۾ ون يونٽ جو مقصد  بنگالين کي ڌار ڪرڻ هو،  اها پنهنجي مقصد ۾   سرخرو ٿي .

  1971ع ۾  ڪاٽو بنگال  صوبا  بحال ٿيا. پراڻي اليڪشن جي نتيجن تي پيپلزپارٽي کي اقتدار ڏنو ويو هو. پيپلزپارٽيءَ وسيلي سنڌين  پاڪستاني رياست ۾ اقتدار تائين رسد  ماڻي، گهڻا سنڌي خوش به ٿيا ته پنهنجو سنڌي وزيراعظم ٿيو هو، پر جي ايم سيد ناراض ٿيو هو . ڀٽي پوئلڳن کي جذباتي ڪرڻ جو انداز اپنايو،  معياري جديد سنڌ  جي تعمير  واري  سوچ نه هئس. ڀٽو  حڪومت  ( 1972ع _ 1977ع)  سنڌي قومپرستي تي ٻن طريقن سان اثر وڌو.  هن سنڌ  اندر  ممتاز ڀٽي  کان  سنڌي ٻولي کي  سرڪاري ٻولي  بنائڻ جو اعلان ڪرايو ۽  سنڌي ٻولي جي مالڪي جو ون يونٽي مطالبو پورو ڪرايو.   تعجب آهي ته پيپلزپارٽي سنڌي ٻولي  جي سياسي مالڪي ڪئي ته  سنڌيءَ ٻولي ۾ معياري ادب لکجڻ  بند ٿي ويو.  ثقافت کاتي جي ادارن ۾  ويٺل سنڌي عملدار ۽ پنهنجا ڪلارڪ ڪڙا، وزيرن سان  گڏجي بجيٽ کائي وڃن ٿا ۽  نمائشي ميلن تي پئسو ضايع ڪن ٿا  ۽ ون يونٽي ادب جا حوالا ڏئي وقت ذيان ڪن ٿا، مرتبن کي عظيم اديب  هئڻ قرار ڏنو وڃي ٿو، معيار برقرار نه ٿا رکن. پيپلزپارٽي ڪوٽا سسٽم آندو،  سنڌين جي معاشي  ۽ ڪلچرل  محڪومي واري احساس کي ٺاريائين.  ٻئي پاسي جي ايم سيد جي قومپرستي واري  سياست کي ڌڪ رسائي ويو.

ضياءَالحق ڀٽو کي عدالت وسيلي ڦاسي چاڙهيو ته سنڌين پاڪستاني رياست کان پاڻ کي ڄڻ الڳ محسوس ڪيو .

اسي واري ڏهاڪي ۾ MRD  هلي جيڪا  سنڌين  جي پهرئين سنڌي وزيراعظم جي قتل تي  ماتم  هئي ته جمهوريت جي بحالي  لاءِ تحريڪ به هئي. پير علي احمد راشدي جي پٽ عادل راشدي MRD جو تجزيو هيئن ڪيو ته  تحريڪ جي ليڊرشپ پاڻ جيل ۾ قيد ٿي ويٺي،  مٿن جيل ۾ ڪو تشدد ڪو نه ٿيو، عوام رلائي ڇڏيائون ۽ پاڻ جيلن مان نڪري هيروز بڻجي ويا! 1988ع ۾  پيپلزپارٽي ٻيهر اقتدار ۾ اچي وئي.   1993ع، 2008ع ۾  به وفاق ۾ حڪومت ٺاهيائين ۽ وفاق جي  محافظ پارٽي طور مقبول ٿيڻ گهري ٿي پر 2013ع جي اليڪشن ۾  سنڌ صوبي تائين محدود ٿي چڪي آهي جتي سنڌي بيوروڪريسي  سان ملي  عام ماڻهن  تي آئين وسيلي حڪومت ڪري ٿي.

جمهوري طرح سنڌين جي اڪثريت  کي  بجلي، پاڻي، سٺيون دوائون، سستي سواري  ۽ روزگار ۽ خوشي جي موقعن کان محروم  رکي ٿي ۽ مراعتن وسيلي سنڌين جي ننڍڙي اقليت کي راضي رکي  ٿي جيڪا ادارن ۾ ويهي پارٽي جي تعريف ڪري ٿي. ايندڙ وقت ۾ پارٽي سنڌي قومپرستي  جو نعرو هڻي اقتدار  مضبوط ڪندي ۽ هر  ڪمزور مخالف سياست کي پنهنجين عوام دشمن پاليسين ۾  گڏائي عام ماڻهن جي لٽ ڦر ڪندي رهندي،ويجهڙ۾مهتاب راشدي جي پارٽي ۾ شموليت ان ايندڙ Trajectory جي جهلڪ آهي.