پيپلزپارٽي مخالف اتحاد؛ ڪجھ اهم سوالن تي سوچڻ جي گهرج

0
176

سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ خلاف هڪ ٻئي اتحاد جا سانباها ٿيا آهن جنهن جي شروعات لاڙڪاڻي کان ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلزپارٽي مخالف جماعتن جا 52 سينيئر اڳواڻ شريڪ ٿيا ۽ پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ خلاف اثرائتي جدوجهد لاءِ قومپرستن سميت مختلف سياسي جماعتن پاران جڙيل ان اتحاد تحت چونڊن ۾ مقابلو ڪيو ويندو. سياسي تحريڪن اندر اتحاد جڙڻ جو اهو پهريون مثال نه آهي بلڪه اها معمولي اڳڀرائي آهي جيڪا سياست جو حصو آهي ڇاڪاڻ ته سياسي جدوجهد لاءِ اتحاد اڳ به جڙندا رهيا آهن جنهن جو تازو مثال سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ خلاف جڙيل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس يا سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي صورت ۾ اسان آڏو آهي جيڪي پڻ مختلف سياسي جماعتن جا اتحاد آهن. اهي اتحاد سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ ڪيتري حد تائين اثرائتا ثابت ٿيا آهن؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي جنهن تي بحث جي گنجائش بلڪل آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي هلچل کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جدوجهد سان ڀيٽڻ به زيادتي هوندي ڇاڪاڻ ته قومپرست جماعتن جي ان اتحاد سنڌ جي مسئلن تي جهڙي طرح عملي جدوجهد جو مثال قائم ڪري سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ خلاف مزاحمت جون راهون هموار ڪيون آهن اهو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي عملي سياست جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهي.
هي تازو جڙيل اتحاد پنهنجي پهرين گڏجاڻيءَ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مسلسل بحث هيٺ آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بحث مباحثا ڪنهن حد تائين سنڌ جي عوام اندر سوچ جون ويرون پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ان ڪري پيپلزپارٽيءَ خلاف ٿيندڙ اهڙين اڳڀرائين بابت ٿيندڙ بحث مباحثن جا ڪجھ پاسا سنجيدگيءَ سان سوچڻ جوڳا آهن. ڏٺو ويو آهي ته سنڌ اندر گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پنهنجي خاموش ڪردار ڪارڻ هميشه تنقيد جي نشاني تي رهيو آهي ۽ اها تنقيد جائز به آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڻي ۾ جڙيل پيپلزپارٽي مخالف ان تازي اتحاد کي به گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سان ڀيٽيو پيو وڃي ۽ ان مٿان گھڻي ڀاڱي تنقيد ڪئي پئي وڃي. هاڻ اهو هڪ انتهائي سنجيده پاسو آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي اٻهرائپ جي گنجائش موجود ناهي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽيءَ سنڌ ۾ پنهنجي 14 سالن جي حڪمرانيءَ دوران جيڪي ڪلور ڪيا آهن انهن مٿان پڻ شديد تنقيد ٿيندي رهي ٿي ۽ عالمِ ارواح انهن حقيقتن کان واقف آهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي ريت سنڌ ڪارڊ جو سهارو وٺندي پنهنجو حصو پتي وٺي سنڌي قوم جو استحصال ڪندي رهي آهي.
ان سموري پسمنظر اندر جيڪو سوال انتهائي سنجيدگي طلب آهي اهو اهو آهي ته انهن سمورين حالتن باوجود به ڇا سنڌ عملي طرح پيپلزپارٽيءَ خلاف مزاحمت لاءِ تيار آهي به يا نه؟ ان سوال جي جواب لاءِ سياسي حالتن کي حقيقت جي آرسيءَ منجھ پرکڻ لاءِ جلدبازي بدران سوچ، سمجھ، ساڃاهه، فهم ۽ فضيلت کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. دراصل پيپلزپارٽيءَ خلاف عملي جدوجهد ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ ئي اها رهي آهي ته جڏهن به پيپلزپارٽيءَ جي ڪرپٽ حڪومت خلاف سنڌ اندر ڪا چُر پُر ٿئي ٿي ته سوشل ميڊيا جي هڪ مخصوص برگيڊ سرگرم ٿيو وڃي جن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي پاڻ سڄو ڏينهن ويٺا پيپلزپارٽيءَ خلاف دانهين ٿا پر جڏهن به پ پ خلاف ڪنهن عملي جدوجهد جا سانباها ٿين ٿا ته اهي معاملن کي “اگر يا مگر” ۾ الجهائي سنڌ جي ماڻهن جي سوچ کي يرغمال بڻائي ڇڏين ٿا. غور طلب سوال اهي آهن ته موجوده وقت ۾ ڇا سنڌ جي عام ماڻهو اندر اها سگھ آهي ته سنڌ منجھان پاڻمرادو ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ اقرباپروري خلاف ڪا عوامي جدوجهد جنم وٺي سگهي؟ بنيادي طور تي هن ملڪ اندر سياست جو الميو اهو رهيو آهي ته اها غريب ۽ لاچار ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي ۽ ان مٿان هميشه ئي سرمائيدار طبقو حاوي رهيو آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته ان طبقي جا فرد ئي سياسي جماعتن وٽ اگهامن پيا. ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ کانسواءِ سنڌ اندر اهڙو ڪو جٽادار اتحاد يا جماعت موجود آهي جيڪا پيپلزپارٽيءَ خلاف عملي جدوجهد جو نعرو هڻي سياست ڪري سگهي؟ ان حوالي سان سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي راهه ۾ پڻ تمام گھڻيون رڪاوٽون آهن پر ان هوندي به اهي پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجو ڪردار ادا ڪندا اچن ۽ سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ جو ساٿ کين حاصل آهي پر پوءِ به سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ متعلق ڪجھ نقطا بحث جوڳا ضرور آهن جن کي حل ڪري اهي پنهنجي عملي جدوجهد ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا. ٽيون سوال اهو آهي ته سنڌ اندر جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ خلاف ڪنهن به وفاقي جماعت منجھان ڪو اثرائتو آواز اٿي ٿو ته ان کي به سوشل ميڊيا تي ويٺل اها برگيڊ قبولي ٿي يا نه؟
ان سموري گھُٽَ ۽ ٻُوسٽ واري وايو منڊل ۾ سنڌ جي جيئندان لاءِ اهو سوال مڙني سوالن کان اهم آهي ته سنڌ آخر ڪري ته ڇا ڪري؟ اسان کي اهو طئه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته يا ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪمرانيءَ دوران سنڌ اندر کير جون نديون وهيون آهن ۽ “سڀ ٺيڪ آهي” مٿان ويساهه آڻي اها ڳالهه وساري ڇڏڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي سنڌ لاءِ هاڻ نقصانڪار بڻجي چڪي آهي پر جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ان صورت ۾ اسان کي اميد جي ڪنهن به شعاع کي “اگر يا مگر” ۾ اٽڪائڻ کان پاسو ڪري ان کي سنڌ اندر رستو ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان سموري منظرنامي ۾ سڀني کان اهم سوال سنڌ جي بهتر مستقبل جو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي پيپلزپارٽيءَ جي ڪرپٽ حڪومت کان سنڌ جي خزاني ۾ اربين رپين جي لڳل کاٽ جو حساب وٺڻ لاءِ ڪنهن به اڳڀرائي کي قبولڻو پوندو پوءِ اهو ڀلي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي روپ ۾ هجي يا پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ڪنهن اتحاد جي صورت ۾ پر ان لاءِ اسان کي ذهني طرح پهريان تيار ٿيڻو پوندو. ويندي ويندي اهو ڄاڻائڻ به لازمي سمجھان ٿو ته 21 مارچ تي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي يومِ مادرِ وطن دوران ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سان چونڊن لاءِ سنڌ اندر قومپرست جماعتن جي اتحاد متعلق سندس ڪوششن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جيڪو هڪ سٺو سنئوڻ آهي ڇاڪاڻ ته ڀوتارڪي اتحاد جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي قومپرست جماعتن جو اتحاد سنڌ ۾ اثرائتي هلچل لاءِ وڌيڪ جٽادار ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ جيڪڏهن وفاقي حڪومت سان هٿ ملائڻو به پوي ٿو ته ان ۾ ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي.