پيپلزپارٽي به ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا

0
441

ڪراچي: پيپلزپارٽي به ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا، صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهيءَ ۾ پيپلزپارٽي جي وفد جي نون ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي

 نواز ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ميئر جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمد شاهه چيو ته اسان ڪراچي ۾ 8 يوسيز تي ڪاميابي ماڻي آهي، ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ۽ اسان جو گڏيل ميئر ايندو

پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان جي ترجيح آهي ته جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪريون، جماعت اسلامي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ حافظ نعيم سان ملاقات به ڪئي، جماعت اسلامي وارا چون ٿا اسان جو ميئر اچي، اسان چئون ٿا سنگل لارجيسٽ پارٽيءَ طور ميئر اسان جو هجڻ گهرجي

هي به پڙهندا

جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي