پيپلزپارٽيءَ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو:عاجز ڌامراهه

0
298

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو، جماعت اسلامي هوش کان ڪم وٺي، ڌرڻن ۽ مظاهرن کان ڊڄي ڪنهن کي پنهنجو مينڊيٽ پليٽ ۾ رکي نه ڏينداسين

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي مينڊيٽ تي سوال اٿاريندڙ جماعت اسلامي ٻڌائي ته هنن کي ايڏا ووٽ ڪيئن مليا؟

پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڌرڻن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان جي مينڊيٽ تي راتاهو لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ دمادم مست قلندر ٿيندو، اسان چوڙيون نه پاتيون آهن، غنڊن کي منهن ڏيڻ اچي ٿو

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ بند ڪرڻ، ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جون ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن، جماعت اسلامي کي ڪراچي ۾ گڙ ٻڙ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

تحريڪ انصاف پاران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون نئين سر ڪرائڻ جو مطالبو