نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز والده جي خراب طبعيت سبب ڀارت خلاف رهيل ٽيسٽ سيريز کان الڳ ٿي ويو آهي. تفصيل موجب آسٽرلوي ڪرڪيٽ اختيارين ٻڌايو آهي ته اسٽيو سمٿ ڀارت خلاف چوٿين ٽيسٽ ۾ ٻيهر آسٽريليا جي ڪپتاني ڪندو ۽ پيٽ ڪمنز پنهنجي بيمار والده سان گڏ گهر ۾ ئي رهندو. واضح رهي ته ڀارت خلاف ٽئين ٽيسٽ کان اڳ پنهنجي والده جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب پيٽ ڪمنز آسٽريليا روانو ٿي ويو هو، اميد ڪئي پئي وڃي ته اهو چوٿين ٽيسٽ کان اڳ آسٽرلوي ٽيم کي ٻيهر جوائن ڪري وٺندو پر پنهنجي والده جي مڪمل علاج تائين هن آسٽريليا ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا هڪ مختصر بيان ۾ چيو آهي ته پيٽ ڪمنز کي احمد آباد ۾ هندوستان خلاف چوٿين ٽيسٽ کان ٻاهر ڪيو ويو آهي جيئن اهو پنهنجي خاندان سان گڏ آسٽريليا ۾ رهي.