پيٽرول نه مليو: آدمشماري ڪندڙ عملو گڏهه تي چڙهي ڳڻپ ڪرڻ لڳو، وڊيو وائرل

0
470

ڄام نواز علي: سنڌ ۾ ڊجيٽل آدم شماري ڪندڙ عملو گڏهن تي چڙهي ڊيوٽي ڪرڻ تي مجبور آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد لاڳاپيل اختيارين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

ڄام نواز علي ۾ هڪ استاد پيٽرول نه ملڻ سبب گڏهه تي چڙهي ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾ استاد چئي ٿو ته اسان کي پيٽرول ناهي مليو، گڏهه تي چڙهي آدمشماري جي ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ڏينهن پنهنجي پئسن سان پيٽرول ڀرايو هو، هاڻي اسان وٽ به پئسا نه آهن

آدمشماري ڪندڙ عملي ۾ شامل استاد ٽرانسپورٽ الائونس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي