“پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج” هاڻ مهانگائي جو طوفان ايندو

0
366

پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

گذريل ڏينهن حڪومت پيٽروليم شيم جي اگهن ۾ 35-35 رپيا في لٽر واڌ ڪئي هئي، عوام تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي

لاڙڪاڻو، قمبر، ڦلجي، ميرپور ماٿيلو، شادي لارج، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

Pakistan's Petrol, Diesel Prices Are At A Record High. Here's Why

فيض گنج، لاکا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به شهري تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ ٽائر ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي

شهرين دانهون ڪندي چيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ بعد هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي،  حڪومت پيٽرول جا وڌايل اگهه واپس نه ورتا ته مهانگائي جو نئون طوفان ايندو

هي به پڙهندا

حڪومت پيٽرول 35 ۽ ڊيزل به 35 رپيا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو: ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ