اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن خلاف ايڪشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اوگرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪابه کوٽ ناهي، تيل ذخيرو ڪري هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو، پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن جا لائسنس رد ڪيا ويندا، صوبائي سيڪريٽريز ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان اهو معاملو جلد اُڪلايو ويندو.