اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي اجلاس ۾ پيٽرول قيمتن ۾ اضافي خلاف اپوزيشن جو احتجاج، مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ سينيٽر عرفان صديقي به حمايت ڪئي، پ پ جي ميان رضا رباني پاران به پيٽرول قيمتن ۾ اضافي جي مخالفت  تفصيل موجب سينيٽ جي اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو آهي ته هن حڪومت جي عوام تي پيٽرول بم جي بمباري جاري آهي، هي پهريان چوندا هئا ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه وڌيا آهن، هاڻي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه به گهٽ ٿي ويا آهن پوءِ قيمتون ڇو وڌايون ويون آهن؟، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل کي اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، رهبر ۽ اڳواڻ فرمائي رهيا آهن ته اسان جو انهن سان ڪو تعلق ناهي، هن چيو ته قانون ۾ جسماني رمانڊ جي اگر اجازت آهي ته ڇا ان جو اهو مطلب آهي ته ان تي توهان تشدد ڪيو، شهباز گل کي شفاف ٽرائل جو موقعو ملڻ گهرجي، وڏي سياسي پارٽي ۽ فوج ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي سازش ٿي رهي  آهي. قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ کي تباهي ۽ ڏيوالي جي صورتحال تائين پهچائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت اهڙي پاليسي ڏني جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن، پيٽرول قيمتن ۾ اضافو سڀ کان مشڪل فيصلو هو، آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيندي، ان معاهدي جي پاسداري حڪومت جي ذميواري آهي، اوگرا کي خودمختيار ڪرڻ جو بل پي ٽي آءِ رات جي انڌيري ۾ آندو هو. هن چيو ته هنن جي دور ۾ نواز شريف کي هفتي ۾ ٻه ڪلاڪ ملاقاتون ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي، اسان بيگناهه ماڻهن کي جيل ۾ ناهي وڌو، پ پ پ جي بهرامند تنگي چيو ته عمران خان کي ليڊر چوڻ ليڊرشپ جي توهين آهي، اها ڳالهه موجوده اپوزيشن ليڊر ان وقت چئي هئي جڏهن پرويز مشرف جي ڪابينا ۾ وزير هو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت گوڙ ۽ احتجاج ڪيو، سينيٽ چيئرمين بهرامند تنگي کي هدايت ڪئي ته پنهنجا لفظ واپس وٺو جنهن تي برامند تنگي چيو ته اهي لفظ موجوده اپوزيشن ليڊر جا آهن منهنجا ناهن اهو پنهنجا لفظ واپس وٺي، جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين سينيٽ جي ڪارروائي مان اهي لفظ خارج ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو دهشتگردي آهي، پي ڊي ايم جي حڪومت هڪ ناڪام حڪومت آهي،  توهان قومي خزاني مان ڊانس پارٽيون ڪيو ٿا،  ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديق چيو ته پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪالهه به غلط هو اڄ به غلط آهي، پيٽرول قيمتن ۾ اضافي جو دفاع نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪنهن حد تائين عوام کي رليف ڏئي سگهون ٿا، پيٽرول قيمتن ۾ اضافي تي اپوزيشن جي موقف جي حمايت ڪيان ٿو.پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته قوم امپورٽيڊ حڪومت کي رد ڪيو آهي، هي ايندڙ وقت ۾ به پيٽرول قيمتن ۾ اضافو ڪندا، اڄ ڊالر کي نه پر حڪومت کي ڪيرائڻو آهي، ڊالر پاڻ هرتو هيٺ اچي ويندو،  جي يو آءِ جي سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان سياسي ماڻهو ناهن، هڪ فتنو  آهن، پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني چيو ته سمورين پارٽين  جي اشرافيا پنهنجي مفاد ۽ بقا کي بچائڻ لاءِ عوام سان کلواڙ ڪري رهي آهي، پيٽرول ۽ ٻين شين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي معاهدن بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، آءِ ايم ايف جي معاهدي کي ايوان ۾ رکيو وڃي، روز ويلٽ هوٽل جي شيئرز کي وڪرو ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، پي آءِ اي جا به 49 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ ۽ انتظامي ڪنٽرول کي منتقل ڪرڻ جي به ڳالهه ٿي رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇا اهڙي نجڪاري ڪئي پئي وڃي.