پيٽرول اگهن جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا: وزير اعظم

0
429

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته تيل اگهن جي قيمتن جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته اسان ڪنداسين

اسلام آباد ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪي معيشت جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي

ذريعن موجب وزير اعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بريفنگ ڏني ته پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، قيمتن ۾ واڌ جو ڪارڻ عالمي سطح تي تيل مهانگو ٿيڻ آهي، اسان غريبن کي رليف ۽ اميرن کان ٽئڪس اوڳاڙي رهيا آهيون

ڪابينا اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب اسان کي وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، قيمتون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن

وزيراعظم چيو ته پيٽرول جا اگهه مجبوري ۾ وڌائڻا پيا، 70 ڪروڙ عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، غريبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏئي رهيا آهيون، اميد ته امير طبقو هن ڏکئي وقت ۾ ٽيڪس جي ادائيگي ۾ قوم جو ساٿ ڏيندو، جيڪڏهن اسان کي وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته ضرور ڪنداسين، بجيٽ ۾ امير طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويو آهي

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تي لچڪ نه پيو ڏيکاري، پيٽرول مهانگو ڪرڻ باوجود معاهدي تي صحيح ناھي ڪئي