دبئي (دلچسپ نيوز) پينو فقيرن واٽس ايپ تي پنڻ جو انوکو انداز ڳولي ورتو، شڪايت ملڻ تي پوليس آپريشن ڪري ڪيترائي پينو فقير گرفتار ڪري ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ پينو فقيرن واٽس ايپ تي پنڻ جو انوکو انداز اختيار ڪري ورتو آهي، پينو فقير واٽس ايپ ذريعي مختلف نمبرن تي پيغام موڪلي صدا هڻڻ ٿا، جواب ۾ مثبت موٽ ملڻ تي ڏس پتو وٺي خيرات وٺڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا، ڪجهه پينو فقيرن موبائل تي پيسا موڪلڻ لاءِ اڪائونٽس به کولي ڇڏيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ شهري پوليس وٽ پهچي اهڙن پينو فقيرن بابت شڪايت ڪئي ۽ واٽس ايپ پيغام ڏيکارڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي.پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي پينو فقيرگرفتارڪري ورتا آهن. گرفتار ڪيل پينو فقيرن جديد انداز۾ پنڻ بابت اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪنهنجي آڏو هٿ ٽنگڻ ۽ جواب ملڻ جي شرمندگي سبب اهڙو انداز اختيار ڪيو. پينوفقيرن موجب رمضان مهيني ۾ ان اندازاختيار ڪرڻ سان سٺي خيرات ملي رهي آهي. هنن ٻڌايو ته اڪثر امير ماڻهو پنهنجن گهرن تي سڏائي فطرو ۽ زڪوات ڏيندا آهن.