ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پينشن فنڊن ۾ گهوٻين واري اسڪينڊل ۾ مختلف ضلعن جي  14 ضلعي اڪائونٽس آفيسرن، سب اڪائونٽنٽس ۽ سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽرن کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان ناڻي کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ضلعي اڪائونٽس آفيسر گهوٽڪي فياض سولنگي، سانگهڙ جي اڪائونٽنٽ غلام رسول بهڻ کي معطل ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سانگهڙ ٽريزري آفيس جي ڪمپيوٽر آپريٽر محسن دل، ٽنڊي الهيار جو سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر امير بخش بوزدار، بدين جي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ شاهنواز، حيدرآباد جي اسسٽنٽ سب اڪائونٽنٽ عرفان سولنگي، دادو جي سب اڪائونٽنٽ غلام سرور پنهيار ۽ علي محمد ميمڻ  کي هٽايو ويو آهي، نوشهري فيروز جي سب اڪائونٽنٽ انور هاليپوٽو، قمبر جي سب اڪائونٽنٽ ماجد خان، ٺٽي جي سب اڪائونٽنٽ اشفاق پنهور، عمرڪوٽ جي سب اڪائونٽنٽ زوهين بوزدار، سانگهڙ جي سب اڪائونٽنٽ محبوب ملاح ۽ حيدرآباد ٽريزري آفيس جي سب اڪائونٽنٽ مجاهد ٽانوري کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.