پيغام ڏنو پيو وڃي ته ملڪي فيصلا ڏنڊي جي زور تي ٿيندا: شرجيل ميمڻ

0
194

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيغام ڏنو پيو وڃي ته ملڪي فيصلا ڏنڊي جي زور تي ٿيندا، پوليس تي پيٽرول بم حملن جو ڪنهن به پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو، قانون ٽوڙيندڙن کي ضمانتن مٿان ضمانتون ملي رهيون آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي فيڪٽري ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي 5-5 لک روپيا معاوضو ڏنو ويندو

وڏي وزير زخمين کي علاج لاءِ هڪ هڪ لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ماڻهن کي رستن تي گڏ ڪري امداد جي نالي تي تذليل برداشت نه ڪئي ويندي

زڪوات ۽ راشن ڏيڻ کان اڳ سرنديءَ وارا هاڻي سرڪار ۽ انتظاميا کان اين او سي وٺڻ جا پابند هوندا