پير ڳوٺ ۾ ڳوٺ تي چڙهائي دوران فائرنگ، 2 عورتون زخمي

0
240
پير ڳوٺ ۾ ڳوٺ تي چڙهائي
پير ڳوٺ ۾ ڳوٺ تي چڙهائي دوران فائرنگ، 2 عورتون زخمي

پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ميگو خروس ۾ پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جن الزام هنيو آهي ته پوليس چڙهائي دوران فائرنگ ڪري 2 عورتن کي زخمي ڪرڻ بعد  سامان کڻي وئي آهي

ڳوٺاڻن محمد نواز خروس، شاهنواز خروس، عظيمان خاتون ۽ ٻين اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڳوٺاڻن دانهيو ته ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو نثار احمد مھر، پيرجوڳوٺ ۽ اسپيشل ٽيمن جي پوليس ساڻ ڪري گهرن تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب جانل خاتون ۽ ممتاز خاتون  زخمي ٿي پيون جڏهن ته هڪ ڇيلو مري ويو ۽ گابو زخمي ٿي پيو

زخمي عورتن کي پوليس علاج لاءِ ليٽر پڻ نه ڏنو ۽ ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍيو آهي