پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ جاگيراڻي ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، علائقي ۾ خوف ۽  هراس پکڙجي ويو. رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير غفار شاهه ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، ان دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڌڻي بخش ولد محمد آچر جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي مقتول جا وارث وڏي انگ ۾ سول اسپتال خيرپور پهچي ويا. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڳوٺاڻي جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ٻئي ڌريون هڪٻئي خلاف مورچابند ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته جاگيراڻي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو خوني تڪرار ۾ تبديل  ٿي ويو. ڪافي دير تائين آمهون سامهون فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو آچر جاگيراڻي مارجي ويو. واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.