پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ساڍن چئن مهينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين متاثرن گل شاھ اسٽاپ وٽ مھراڻ ھاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي پنجن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪافي دير تائين روڊ بند هجڻ ڪري ڪوٽ لالو کان سکر اسپتال ريفر ڪيل ٽن مھينن جي معصوم نينگري فوت ٿي وئي. تفصيل موجب پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ برسات متاثرين جي واهر نه ٿيڻ خلاف چوڌري ثناءُ الله جٽ، رفيق احمد خاصخيلي ۽ خالد حسين خاصخيليءَ جي اڳواڻي ۾ سوين مظاهرين گل شاھ اسٽاپ وٽ مھراڻ ھاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي رڪاوٽون رکي پنجن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيوته ايريگيشن عملي جي لاپرواهي ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب گذريل 4 مھينن کان علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا هن مهل تائين ڪا به سار سنڀال نه لڌي آهي. سرديءَ جي موسم ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. برسات متاثرن جي ڌرڻي سبب هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ان دوران روڊ بند هئڻ ڪري ڪوٽ لالو کان سکر اسپتال ريفر ڪيل معصوم نينگري مسافر وين ۾ ئي فوت ٿي وئي. نينگريءَ جي والد سليم رضا روئيندي ٻڌايو ته معصوم نياڻي ناياب بتول کي غربت سبب  مسافر وين ۾ علاج خاطر سکر اسپتال کڻي وڃي رھيو ھئس، روڊ بند ھجڻ ڪري پنجن ڪلاڪن تائين ڦاٿل هجڻ سبب معصوم نياڻي فوت ٿي وئي. هوڏانهن پنجن ڪلاڪن بعد اي سي ۽ ڊي ايس پي ميرواھ متاثرن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي گاڏين جي اچ وڃ بحال ڪرائي.