پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد موجائي ۾ ڀاڳين جي فائرنگ ۾ چور زخمي، جوابدار کي  پوليس پھري ۾ علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. تفصيل موجب گذريل رات دير سان 3 جوابدار پير وسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد موجائيءَ ۾ لال ڏنو خاصخيليءَ جي گھر ۾ داخل ٿيا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا. ان دوران آمهون سامهون فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس ساٿي کڻي فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي پوليس پُھچي ڀاڳين جي مدد سان چورن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو. ان تي ڏوهاري زخمي ٿيل ساٿي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس زخمي جوابدار کي گرفتار ڪري علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو. چور جي سڃاڻپ اياز علي بڙدي ڳوٺ قادر بخش بڙدي طور ٿي آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.