خيرپور (رپورٽر) اسپورٽس سيڪشن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ طرفان ڪاليج جي اسپورٽس گرائونڊ تي اسپورٽس گالا جي افتتاحي تقريب ٿي گذري جنھن جو مھمان خاص پرنسپل گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ پروفيسر الطاف حسين کھڙو هو. ان موقعي تي اسپورٽس گالا ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن مارچ پاس ڪري مھمانن کي سلامي پيش ڪئي جنهن کانپوءِ مھمان خاص امن جي نشاني ڪبوتر آزاد ڪري ۽ ربن ڪٽي باقاعده افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ٽگ آف وار جي نمائشي ميچ کيڏي وئي.