پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي رھواسڻ روزينا سولنگي، فرزانا سولنگي پنهنجي ٻارن سميت احتجاج ڪندي چيو ته عائشا سولنگي بي گناھ اسان مٿان وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا الزام ھڻي رهي آهي، ھنن چيو ته عائشا سولنگي کي ڀاءُ آصف سولنگي، نوران، گلشن خاتون، قمر الدين شر کي 8 لک ۾ وڪرو ڪيو ھو، جنھن بعد عائشا سولنگي مڙس قمر الدين شر وٽان نڪري روزينا سولنگي وٽ ڪجهه ڏينھن لاءِ پناھ ورتي هئي جنهن جو ڪيس پڻ ڪورٽ ۾ ھلندڙ آهي پر ھاڻي مسمات عائشا سولنگي ابتو اسان مٿان وڪرو ڪرڻ الزام ھڻي رهي آهي روزينا سولنگي وڌيڪ چيو ته بنا جواز منهنجي ڀاءُ عامر سولنگي کي وڏا ماڇيون پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي ھنن چيو ھاڻي عائشا سولنگي جا وارث رفيق احمد قربان آصف فاطما اسان کان 4 لک رپيا گھري رھيا آھن.