رپڙي/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) پيرجوڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پيرجو ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ديهه راجو ديرو ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري گوليون هڻي  22 سالن جي نوجوان عرض محمد پٽ محبوب رند کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مقتول نوجوان جو لاش پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي پيءُ محبوب علي رند ميڊيا کي ٻڌايو ته پنهنجي برادري سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن ھٿياربند گهر تي حملو ڪري پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻو برادريء تڪرار هلندڙ هو. مقتول ڌر 20 سال اڳ شڪارپور مان لڏو کڻي علي حيدر شاھ راشدي جي زمين تي ڪڙمت ڪندي هئي، جتي هٿياربندن حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.