پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ ڀلي ڏنو ميتلو ۾ 2 ڏينھن اڳ جوابدار سهري ڪريم داد ميتلو هٿان گهٽاڏئي قتل ڪيل ناري زرينا زال رابيل ميتلو جي قتل جو ڪيس مقتولا جي امڙ ظهيران ميتلو جي فرياد تي احمدپور تي داخل ڪيو ويو آهي. فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار ڪريم دادا ميتلو ڌيءَ سان زبردستي جنسي زيادتي ڪندو هو، روڪڻ تان جوابدار ننڊ ستل ڌيءَ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري بيماري سبب فوت ٿيڻ جو ڪوڙو جواز ڄاڻايو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي احمدپور پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪريم داد ميتلو گرفتاري بعد ننهن سان جنسي زيادتيءَ سان گڏ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.