پيرجوڳوٺ (ن پ ا) ڪنگري جي ڳوٺ پيارو اڄڻ جو رھواسي نوجوان محمد راشد اڄڻ ڪراچي مان گذريل ھڪ ھفتي کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر، ان حوالي سان نوجوان محمد راشد اڄڻ جي امڙ مسمات حليمه اڄڻ والد واحد بخش اڄڻ سندس ڀاءُ زاھد حسين اڄڻ پصرجوڳو  احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته نوجوان محمد راشد ڪراچي ۾ ڪم ڪندو هو، هڪ هفتي کان گم آهي، هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي.