پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ الھداد بڙدي جو رھواسي 8 ورهين جو مدثر علي بڙدي کوسا پل تي راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب ابل واھ ۾ ٻڏي ويو، واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن رڙين تي پھچي نينگر کي ابل واھ مان ٻاهر ڪڍي کيس پريالوءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته نينگر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.