پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ بيماريءَ سبب فوت ڄاڻايل ناريءَ جي قتل جو انڪشاف، جوابدار گرفتار، ڏوھ جو اعتراف. پيرجوڳوٺ ڳوٺ لڳ ڳوٺ ڀلي ڏنو ميتلو ۾ گذريل ڏينهن بيماري سبب فوت ڄاڻايل 18 سالن جي ناري زرينا زال رابيل احمد ميتلو جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي. احمدپور پوليس ناريءَ جي سهري ڪريم داد ميتلو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن احمدپور پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته منهنجي ننهن زرينا ميتلو ڪافي عرصي کان بيمار هئي ۽ گهر ڀاتين سان منهن ماري ڪندي هئي، جنهن کان تنگ ٿي ننڊ ستل ننهن کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف احمدپور ٿاڻي جي ايس ايچ او غلام حيدر بهڻ جو چوڻ آهي ته پوليس کي ڄاڻ ملي ته ناري زرينا ميتلو کي قتل ڪيو ويو آهي. جوابدار ڪريم داد ميتلو کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن ناري کي قتل جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.