ليما (انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ پيرو ۾ 14 سئو سال اڳ انجنيئرن جي جوڙيل هٿراڌو نهري نظام جوڙيو جنهن جو مقصد راڄڌاني واري شهر ليما ويجهو جبلن تان ڪرندڙ پاڻي کي گڏ ڪري استعمال ڪرڻ هو. ان کي 14 صديون اڳ جوڙيل انجنيئرنگ جو شاهڪار سڏيو وڃي ٿو، جيڪو اڃا به قائم آهي. ان جو سڀ کان وڌيڪ فائدو برساتن جي موسم ۾ ٿيندو آهي ۽ گڏ ڪيل پاڻي پوءِ مقامي آبادگارن جي ڪم ايندو آهي.