پيرولاشاري (ن پ ا ) پيرولاشاري ويجهو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد عمر جت چڪ نمبر 16 يوسي راھوڪي تعلقو گولاڙچي اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي 92 شاگرد کلي آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو اسڪول جي بلڊنگ نئي سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي الله بخش جت، مير محمد جت، حسن جت، ولي محمد اوٺو ۽ ٻين چيو ته هي بلڊنگ 1985ع ۾ ٺهيل هئي، مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي عمارت گذريل ڪيتري عرصي کان زبون حال هئي، جيڪا موجوده برساتن سبب مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي ويئي آهي، لاڳاپيل انتظاميا کي بار بار درخواست ڏيڻ باوجود اسڪول جي نئي سر تعمیر نٿي ڪئي وڃي، هنن چيو ته هن اسڪول جي عمارت کي 35 سال ٿي ويا آهن، پر هتان جي چونڊيل نمائندن به ڪو ڌيان نه ڏنو آهي. هنن وزير تعليم سردار شاه ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت ٺھرائي ٻارن جي تعليم بچائي وڃي.