پيرولاشاري /ٽنڊو باگو/ ٽنڊو غلام حيدر (نمائندن وٽان) پيرو لاشاري جي ڳوٺ جهالار جي رهواسين سان تلهار ويجهو مين حيدرآباد بدين هاء وي روڊ تي حادثو پيش آيو آهي، حاجي خان اسٽاپ وٽ ٽن گاڏين الٽو ڪار، مرگلا ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽنهي گاڏين ۾ سوار 2 ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  ٽنڊوباگو واسي واپاري 50 ورهين جو اسلم خواجه ٿڏي تي ئي فوت  ٿي ويو، جڏ0هن ته 50 ورهين جي مسمات ڄامل زال عبدالله سولنگي حيدرآباد اسپتال نيئندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. زخمين ۾ محمد حنيف آرائين، شاھ زيب آرائين، محمد عاقب آرائين، ۽ پيرولاشاري واسي 20 ورهين جو فتح محمد ولد الهورايو سولنگي، آريان خواجه ڄڻا شامل آهن زخمين ۾ 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.