پيرولاشاري ( ن پ ا) پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ بيگ پور ۾ شادي شده نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي،  35 ورهين جي نوجوان اڪبر پٽ سيد حسين شاهه گهر جي ٻاهران ٿوڻي ۾ ٽنگيل  سندس لاش مليو. اهڙو اطلاع تلهار پوليس کي مليو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تلھار اسپتال کڻائي وئي، پوليس موجب فوتي جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ واضح طور ظاهر آهن. پوليس  وارثن جي رضا مندي بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، بعد ۾ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ڳوٺ ۾ نوجوان جي قتل جا پڻ چوٻول آهن، نوجوان حيدرآباد ۾ مزدوري ڪندو هو ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ آيل هو. هوڏانهن پيرولاشاري جي آسپاس ٻن مهينن اندر خودڪشين جا ست واقعا  پيش اچي چڪا آهن.