پيرولاشاري(ن پ ا) پيرو لاشاري جي يوسي ڪاڏي قاضيه ڳوٺ عارب شيدي جي ڳوٺاڻن راجا قمبراڻي، سڪندر قمبراڻي، بچل عرف آگو قمبراڻي، مٺو خاصخيلي، گل حسن خاصخيلي، جميل خاصخيلي، غلام خاصخيلي  سميت يوسي گهڙو جي ڳوٺاڻن مصري لاشاري، حق نواز، دلپسند، سجاد لاشاري ۽ ٻين ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي مان مايوس ٿي ايس ٽي پي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هنن صحافين کي ٻڌايو ته اسان سڄي زندگي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل رهيا آهيون ان باوجود پيپلزپارٽي اسان جي ڳوٺ کي هر وقت نظرانداز ڪندي پئي اچي جنهن ڪري اسان پيپلزپارٽي کي ڇڏي هميشه لاءِ ايس ٽي پي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪريو ٿا ان موقعي تي ايس ٽي پي ڊويزنل اڳواڻ شوڪت عمراڻي ضلعي صدر راجا اعجاز خواجه، تعلقہ صدر شاهنواز سيال، ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا ايس ٽي پي اڳواڻن ڳوٺاڻن کي خطاب پڻ ڪيو.