پيرولاشاري (ن پ ا) بدين ضلعي جو 45 ھزار آباديءَ وارو شھر پيرولاشاري سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل، چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا شهر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب 45 ھزارن کان وڌيڪ آبادي وارو شهر پيرولاشاري گيس، واٽر سپلاءِ، صحت مرڪز ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آھي. علائقي واسين پاران بار بار احتجاج باوجود شهر جو ڪوبه ڌڻي سائين ظاهر نه ٿيو. ان سلسلي ۾ شهرين امداد حسين شاھ، ميرمحمد لاشاري، عاجز سنڌي، مامون ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو چونڊيل نمائندا ڀوتار، وڏيرا صرف اليڪشن جي ڏينهن ۾ ظاھر ٿين ٿا. پيرولاشاري شھر ۾ صحت مرڪز نه ھئڻ ڪري غريب مريضن کي ڳرا ڀاڙا ڀري ضلعي هيڊڪوارٽر بدين يا تلهار وڃڻو پوي ٿو. گئس نه ھئڻ ڪري رڌپچاءُ لاءِ ڪاٺيون خريد ڪرڻيون پون ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته پيرو لاشاري شهر کي فوري طور بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.