پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو، سفينا، گٽڪي، مين پڙي، چرس، جوا، ٺري ۽ ٻِي منشيات جا اڏا سرعام ھلڻ لڳا. پيرولاشاري شھر جي سماجي اڳواڻن مامون ملاح، واصف قمبراڻي، علي محمد ملاح ۽ ٻين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات وکر جيان وڪرو ٿي رھي آھي، جنھن سبب نوجوان ۽ اسڪولي ٻار به نشي جا عادي بڻجي ويا آھن. پوليس منشيات فروشن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته منشيات خلاف موثر ڪارروائي ڪري نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.