پيرونمل (ن پ ا) محرم الحرام ايندي ئي پيرونمل ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي امام  بارگاهن ۾ علم پاڪ سينگاري سوار ڪيا ويا، ان ڏس ۾ شهر جي مرڪزي امام بارگاهه سميت ڳوٺ ڪرم خان مري، ڄام نندو مري، فقير عيدن مڱڻهار، عطا حسين مري، الهڏنو خاصخيلي پڙن تي علم سينگاري سوار ڪيا ويا، جنهن دوران هر طرف ياحسين جون صدائون بلند ٿيون،