پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل ويجهو ڳوٺ سليمان وساڻ جي رھواسي 18 ورهين جي دولت ولد ايسر داس مهراج گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي پنهنجي گهر اندر ڇت ۾ ڦائو کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گهر ڀاتين گهر جو دروازو ٽوڙي کيس بيھوشي جي حالت ۾ رورل ھليٿ سينٽر ڪنڊياري آندو، جتي نوجوان جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري کيس حيدرآباد نيو ويو.