پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ڀرسان علي نواز شاخ جي آرڊي نمبر 4 وٽان ڳوٺاڻن پاران عورت جي لاش کي شاخ  ۾ ترندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پُھچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت جي لاش جي سڃاڻپ 35 ورهين جي شبانا زال حاتم ٻانڀڻ طور ٿي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت جي وارثن ٻڌايو ته عورت جو ذِھني توازن ٺيڪ نه ھو،  واقعو اتفاقي پيش آيو آھي.