پيرن پچار ۽ ڄال جي واڍي

0
145
سوچ-۾-تبديلي-آڻڻ-جو-وقت

 هر علائقي جا پنهنجا قدرتي ميوا آهن ۽ انهن سڀني ميون جو ذائقو ۽ رنگ به جدا جدا آهي پوءِ چاهي اهي ٻوٽا ۽ وڻ هڪ ئي زمين ۾ هجن ۽ هڪڙو پاڻي انهن کي واڌ ويجهه لاءِ ملي ۽ دوا به ساڳئي قسم جي استعمال ٿئي پر ٻنهي ٻوٽن ۽ وڻن جي پنن جو نمونو ۽ ميوي جو نمونو جدا هوندو ساڳيو نه هوندو اهو ڪمال قادر جي قدرت جو آهي. ان مثال کي وڌيڪ چٽو ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ هن مثال تي غور ڪرو وڃي ته ڳالھه سمجھه ۾ اچي ويندي توهان ۽ اسان ڪڪڙيون ڏٺيون هونديون جيڪي قدرتي طور تي پيدا ٿين ٿيون انهن جا رنگ به جدا جدا آهن ۽ جيڪي مصنوعي طور تي هڪ وقت تي رڪارڊ ڪيل ٽيمپريچر ڏنو ٿو وڃي اتي وري هڪ قسم جي رنگ جون ڪڪڙيون پيدا ٿين ٿيون.  هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع تي ڪاڇي ۾ لاتعداد ڄالين جا وڻ آهن ۽ انهن وڻن ۾ وري مختلف قسمن جون ڄاليون آهن ڪنهن کي کٻڙ چون ڪنهن کي دڦي ڄال چون ڪنهن کي وري جوهو چون ڪنهن کي وري کبوٽي چون. پيرون جا مختلف بنيادي مرحلا ٿين ٿا پوءِ وڃي پيرون تيار ٿئي ٿو. سڀ کان پهريان ٻور ٿيندو آهي پوءِ وري ڦيکڙي ٿئي ٿي ٻور ۽ ڦيکڙي جو رنگ سائو ٿيندو آهي پوءِ وري ڇالڪ ٿئي ٿي جنهن جا مختلف رنگ ٿين ٿا ڪي ڇالڪون مٺيون ۽ ذائقي دار ٿين ٿيون ۽ ڪي وري ڪوڙيون ٿين ٿيون پوءِ وڃي پيرون تيار ٿئي ٿو. وري انهن ڄالين جي اندر وري مختلف قسمن جي پيرن جا رنگ ٿين ڪي بگڙ ( اڇا) ٿين ڪٿي وري ڳاڙها ٿين ڪٿي وري ناسي ٿين.

پيرون پٽڻ ۾ مختلف نمونن جا ٿين ٿا ڪي ته اهڙا آهن جو انهن کي هٿ جي چپٽي سان آساني سان پٽي سگهجي ٿو ۽ ڪي وري اهڙا نرم ٿين جو هٿ وجهڻ سان ئي ٽٽيو پون انهن پيرن کي ڦيسڻ پيرون چيو ويندو آهي ۽ ڪي وري پٽڻ سان به نه پٽجن مگر ڪافي زور لڳائڻو پوي ٿو، انهن پيرن کي وري ٻنڊر چيو ويندو آهي. پراڻي دور ۾ جڏهن ڄال جو وڻ عام جام هوندو هو ته مٽ مائٽ دوست رفيق جيڪي ڏورانهن علائقن ۾ رهندا هئا، اهي پنهنجو وقت ڪڍي پيرون کائڻ ايندا هئا يا پنهنجي مٽن دوستن کي چوندا هئا ته يار پيرن جي وٽ ڪرايو، ڪاڇي جي عظيم سوغات آهي پوءِ اهي ماڻهو پيرون ٺڪر جي لوٽي يا دکي ۾ وجهي پنهنجن پيارن ڏانهن کڻي ويندا هئا ٺڪر  جي لوٽي يا دکي ان لاءِ ته پيرن جو ميوو گهڻي گرمي برداشت نه ڪري سگهندو آهي ۽ ڌپ ڪري ويندو آهي. لوٽي ٿڌي ٿئي ٿي ۽ ان کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڏئي ٿي ۽ وري پيرون پٽڻ جي لاءِ پيش جي ٽوري يا ڇٻي استعمال ڪئي ويندي آهي. پيرن مان وري غريب مسڪين ڪاڇي واسي انهن کي شام جو چونڊي ڪنهن وڏي ٺڪر جي ٿانو ۾ رکندا هئا سو به کليل جاءِ تي جتي تازي هوا پيرن کي لڳي پوءِ صبح جو سوير وليز جيپ يا بيڊ فورڊ بسن تي چڙهي وڏن شهرن جو رخ ڪندا هئا اتي پيرون کپائي وري شام جو پنهنجي گهر جي ضرورت لاءِ سامان وٺي ايندا هيا. انهن پيرن مان غريب ڪاڇي واسين جو تمام سٺو گذارو ٿيندو هو

پيرن جي اهميت تي وڌيڪ زور ڏيندي ڪاڇي جي شهر حاجي خان جي رهواسي رٽائر استاد ۽ محبتي انسان محمد علي لغاري (عرف) طالب لغاري ڪيڏي نه شاندار شاعراڻي انداز ۾ پنهنجي محبوب کي پيرن جو سنيهو ڏيندي چيو ته

ڪاڇي يار ول آ لهي بيقراري

پڪ ڳئي ني پيلهون تيڏي انتظاري

مطلب ته پيرون ڪاڇي جي پسمانده علائقي جي وڏي سڃاڻپ ڪرائي ۽ هنڌين ماڳهين انهي دولت جي ڪري مشهور ٿيو. مگر بدقسمتي سان شعوري توڙي لاشعوري طور تي اسين اهڙا جاهلاڻا قدم کنيا ۽ ڪاڇي جي سونهن کي مسمار ڪرڻ جي لاءِ وڻن جي واڍي ڪئي سين جنهن ۾ سڀ کان گهڻي ڄال متاثر ٿي .پهريان ان جون شاخون ۽ ٿڙ ڪٽيندا هيا پو۽ به ڄال ڦٽي پوندي هئي مگر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن انهي ۾ ڪمي آئي ته انهن انهي وڻ جي پاڙ جي به کوٽائي ڪئي. هاڻي ته ڪاڇي ۾ وڻ اڻلڀ ٿي ويو  آهي ڪٿي ڪٿي ڪو وڻ هوندونه ته اڪثريت انهي مرض ۾ وڪوڙجي وئي. هاڻي هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته وڻ ڪٽي کپائڻ جي نوبت ڪيئن آئي؟ اچو ته انهن جا ڪجهه سبب ڏسون جنهن جي ڪري ون ڪٽيا ويا. ڇا اسين وڻ ڪٽي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ بکئي پيٽ جي بک ختم ڪئي  يا مهانگائي جي ڪري خرچ وڌي ويا انهن جي پورائي جي لاءِ اها محنت ڪئي يا اسان شوقيه طور پڻ وڍي پنهنجو پاڻ کي دانا سمجهي اهو عمل ڪيو يا زمين کي آبادي جي لائق بڻائڻ خاطر توهان وڻن جو آپريشن ڪيو. بحر صورت اسان جي ڪم عقلي جي ڪري اسان کان ڄال جو به وڻ ۽ ان سان گڏوگڏ پيرن جو به ميوو ويو ۽ انهي سان گڏوگڏ سخت گرمي ۾ ڪڙمي يا واٽهڙو وڻ هيٺيان ويهي سڪون حاصل ڪندو هو مگر اسان کان سڀ ٽول ويا ۽ اسين هٿين خالي رهجي ويا سين. تمام مزي جي ڳالھه هي به آهي ته جڏهن پيرون خشڪ ٿي سڪي ويندو آهي ان کي ( ڪوڪڙ) چيو ويندو آهي ڪوڪڙ کائڻ ۾ مزيدار هوندي آهي پر انجو گورو ( ٻج) ڪجهه ڪڙو ٿيندو آهي کائڻ مهل پيرون جي مٺاڻ کي کائجي ۽ ٻج کي ٻاهر اڇلائجي.

ڄال جي وڻ  جيڪاڇي ۾ تمام وڏي اهميت هئي پراڻي دور ۾ اڪثر ڪاڇي واسين جي گهرن اوطاقن منهن ڇپرن ۽ لانڊين ۾ ڄال جي وڻ  جون ڪامون داسا پٽيون ڇت ۾ پيل هونديون هيون. وڏڙا ويچارا چوندا هئا ته ڄال جي ڪاٺي  ڪٿان ملي جڏهن ڄال جي ڪاٺي پراڻي يا پنهنجي طاقت وڃائي ويهندي آهي ته پوءِ آهستي آهستي ڏرڻ ( ڦاٽڻ) شروع ڪندي آهي. اها اسان کي آواز ڏيندي آهي ته مان هاڻي ختم آهيان توهان ڪنهن ٻي ڪاٺي جو بندوبست ڪريو.  بس اسين بيقدرا آهيون اسان وٽ ايترو اڃا شعور ئي نه آيو آهي.  اسان پنهنجي فائدي واري شيءَ کي سستو وڪڻي پوءِ وڏي گهاٽي تي ويهي ماتم ڪندا آهيون.