پيرجو ڳوٺ: مبينه پوليس مقابلي ۾ مارجي ويندڙن مٿان ڪيسن جي لسٽ جاري

0
383

پيرجوڳوٺ: ٽائيم نيوز تي خبر بريڪ ٿيڻ کانپوءِ خيرپور پوليس هڪ ڏينهن اڳ پيرجوڳوٺ لڳ برادي جتوئي پوليس پاران مبينا مقابلي مارجي ويل 3 ڄڻن مٿان پوليس ڪيسن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي. خيرپور پوليس پاران جاري ڪيل لسٽ موجب ڌڻي بخش ابڙو تي 5 ڪيس شڪارپور ضلعي ۾ داخل، 3 ڪيس خيرپور ضلعي ۾ داخل آهن. علي ڏنو ابڙو تي 5 خيرپور ضلعي ۾ ڪيس ۽ هڪ ڪيس شڪارپور ۾ داخل آهن ۽ وقار سولنگي مٿان 10 ڪيس خيرپور ضلعي ۾ داخل هجڻ جي لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. خيرپور پوليس پاران جاري ڪيل ڪيسن جي لسٽ ۾ اغوائن، ڦرن ۽ چوري جا قلم لڳل آهن.