پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ۾ ويلڊنگ ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. پيرجوڳوٺ ۾ محب علي چوڪ وٽ دڪان تي ويلڊنگ ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 25 سالن جو نوجوان عمران مغل پٽ سوڀل مغل سخت زخمي ٿي پيو. نوجوان کي وارث ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال کڻائي ويا، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.