ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، خبر موجب حيدرآباد ۾ ٻئي ڏينهن به 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪري او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سان گڏ اسپتالن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سول اسپتال، قاسم آباد اسپتال، پريٽ آباد، ڪوهسار، ڀٽائي اسپتال ۽ سروس اسپتال سميت ٻين ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ملازمن جي احتجاج سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر بڻيل رهيا، سول اسپتال ۾ پي ايم اي جي مرڪزي اڳواڻن شريف پالاري، عبدالغفار رند، ڊاڪٽر روشن چانڊيو، گلناز، روي تنبولي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري 2 ڪلاڪن جي ٽوڪن هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ملازمن سٽي او پي ڊي ٻاهران ڌرڻو هنيو، ٺٽو ۾ عبدالڪريم ڀاند، حاجي اشرف خشڪ، حاجي اسد خشڪ، ابراھيم سميجو، ھدايت الله فاضلاڻي، لياقت عباسي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، قمبر ۾ ملازمن ٽوڪن هڙتال ڪري علي اڪبر گوپانگ، محمد رفيق منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ميروخان ۾ 2 ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي وئي، جاتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر يامين شاهه، حيات ٿهيم، عيسيٰ ميمڻ ۽ مقبول ٿهيم جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جوهي ۾ ڊاڪٽر سرفراز ابڙو، ڊاڪٽر مشتاق پنهور، علي نواز لنڊ، شبير شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڪيو ويو، دڙو ۾ معشوق گگو، رياض سومرو، امداد ڀٽو، طيب ميمڻ ۽ نواز طاهر سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، عمرڪوٽ ۾ ٽوڪن هڙتال ڪري ملازمن ڊاڪٽر مدن امراڻي، عثمان چانيھيو، اعجاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مٺل پڃارو، ڪانڊيرو راهو، ڊاڪٽر امام علي ٻگهيو، مبارڪ خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شاهپورچاڪر ۾ ملازمن 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪري انور چانگ، نورل ڳاهي، چاڪر بگٽي، شڪيل شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سامارو ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر شيوارام، ڊاڪٽر اشرف قائمخاني، ڊاڪٽر نياز ڪوٽڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪرونا دوران جانيون خطري ۾ وجهي ڊيوٽيون ڏنيون پر سنڌ حڪومت رسڪ الائونس بند ڪري ناانصافي ڪئي آهي، هنن گهر ڪئي ته رسڪ الائونس بحال ڪرڻ سميت سروس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل ڏئي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.