برازيل(انٽرسٽنگ نيوز) عام طور تي پيراشوٽ ذريعي انسان پاڻ کي بچائيندو آهي پر برازيل ۾ هڪ جهاز کي پيراشوٽ جي مدد سان تباهه ٿيڻ کان بچايو ويو. برازيل جي شهر بيلو هوريزونٽي ويجهو هڪ ننڍي جهاز جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي. انجڻ خراب ٿيڻ سبب جهاز جهنگ ۾ لڪيل جبلن سان ٽڪرائجڻ وارو هو پر هڪ ڊيوائس Cirrus Airframe Parachute System ان تي سوار عملي ۽ مسافرن کي بچائي ورتو. ان جهاز جي وڊيو به اڳيان آئي آهي جنهن ۾ هن کي پيراشوٽ ذريعي زمين تي ڪريش لينڊن ڪندي ڏٺو ويو آهي. جهاز تي 4 بالغ ماڻهو ۽ 2 ٻار سوار هئا ۽ ڪنهن کي ڪوبه نقصان نه پهتو. اهو سڀ Cirrus  ايس آر 22 نالي سنگل انجڻ جهاز تي سفر ڪري رهيا هئا. هي پهريون موقعو نه آهي جڏهن Cirrus  جهاز کي پيراشوٽ سسٽم سان بچايو ويو هجي جيڪو بنيادي طور تي عملي جي تحفظ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ۽ اهو جهاز کي زمين سان ٽڪرائجڻ سان ٿيندڙ نقصان کان تحفظ فراهم ناهي ڪندو.