پيار  پلي ويا آھيو

0
136
روئيداد  ڪجھه راتين جي

 جڏھن کان ذوالفقار علي ڀٽي پ پ جو بنياد رکي  وانڍ وانڍ ۽شھر شھر طوفان بنجي اٿيو ھو، تڏھن کان هو ماڻھن جي محبتن جو مرڪز بنجي ويو هو ۽ هن جي جلسن ۾ ماڻھن جي اچڻ تي برکا موسم جهڙيون بهارون اچي وينديون هيون، ڀٽي جي درشن جي هڪ ئي جهلڪ هن جي عاشقن کي جياري وجهندي هئي، هن جو گرجدار آواز مظلوم ۽ ستايل ماڻھن جا سارا ڀئو هٽائي ڇڏيندو هو ۽ هو وري رڪ بنجي اٿندا هئا.عام ماڻھن جو ذوالفقارعلي ڀٽي کان فقط محبت جو ئي هڪ مطالبو هوندو هو ، ڀٽي صاحب جي خاص اسٽائيل ۽ محبت ڏيڻ سبب ماڻھو کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا، ماڻھن جو ساڻس عشق جو اهو سلسلو نه فقط  سندس سنگ لحد ۾ لهڻ تائين رهيو پر اهو عشق رومانوي داستان بنجي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين به منتقل ٿيندو رهيو، عوام ۽ ڀٽي جو  عشق جو اهو سلسلو ڪيئي ڏھاڪا هليو، اهو عشق ايئن هو جيئن بلبل جو گلن سان۽چڪور جو چنڊ سان هوندو آھي، اهو عشق ڏي وٺ جو عشق ڪو نه هو اهو عشق وڻج واپار جوعشق نه هو، اهو عشق سر جو سودو هو، اهو عشق ڪلالن جي ڪاتن اڳيان ڪنڌ ڏيڻ جو عشق هو، هاڻي اهو عشق ياد ماضي بنجي چڪو آھي  ۽ مٽي ۾ مٽي ٿي ويوآھي، پر اهو عشق هڪ دور جو داستان رقم ڪري ويو آھي.

 مٽي ۾ ملندڙ اهڙو عشق نه فقط  پاڪستاني ماڻھن جو ذوالفقارعلي ڀٽي ۽ محترما بينظير ڀٽي سان هو پر اهڙوعشق هڪ دور ۾ بنگالين جو شيخ مجيب الرحمان سان به هو، جنهن کي هڪ فوجي بغاوت ۾  5 آگسٽ 1975ع تي ڍاڪا ۾گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو،مٽي ۾ ملندڙ اهڙو عشق هندستان جي  ماڻھن جو به ڪنهن دور ۾  سندن اڳواڻن سان رهيو آھي،  موهنداس ڪرم چند گانڌي کان ويندي، جواهر لعل نهرو تائين ۽ اندرا گاندي کان ويندي راجيوگانڌي تائين اهي اڳواڻ عوام جي عشق محبت جي ڪنٺي جا اهڙا گل هئاجيڪي سڪي نيٺ  ڇڻي ويا. عوام جو اڳواڻن سان ۽ اڳواڻن جو عوام سان پيار جو اهو سلسلو تڏھن ٽٽي ويو، جڏھن دنيا ۾ دروغ گوئي ، دغا بازي ۽ فتنو ڪاهي پيو. اڄ به انهن اڳواڻن جون پارٽيون ته موجود آھن پر  اهي اڳواڻ موجود نه آھن  ۽ نه ئي ساڻن محبتون ڪندڙ اهي ماڻھو رهيا آھن ، هاڻي ته اهي پارٽيون انهن مسافرخانن جيان رهيون آھن، جتي مسافر اچن ٿا ۽ ڪجھه وقت رهي هليا وڃن ٿا.

وقت جي نشيب و فراز اهڙين  محبت جي ڏورين کي ڪيئن نه ٽوڙيو آھي.

هاڻي ذوالفقارعلي ڀٽي جي پارٽي اهڙي پارٽي وڃي رهي آھي، جتي واپارٿئي ٿو جتي ڪير به گهاٽو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جتي محبت جي جاءِ مايا والاري آھي، جتي اعتماد بجاءِ دوکا آھن، دوکن ۾  رڃ، اڃ ۽ سڃ آھي.

 ماڻھو ته ارمانن جا صليب هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي ڪلهن تي کڻي، هاڻي ٿڪي پيا آھن، هو هاڻي ان اوٺار جيان ٿي ويا آھن جنهن جي اکين ۾ اوجاڳا ايئن الڙيل هوندا آھن جيئن طوفان ۾ تنبو جون ڇڙھون، هو سياسي رولاڪ اونداهين راتين ۾  رڻن جا پنڌ ڪري ڪري بيزار ٿي پيا آھن.

 اڄ جي پارٽي اڳواڻن کي ڪهڙي خبر ته عوام جو پيار ڇا ٿيندو آھي، هنن کي ان ڳالھه جي ڪهڙي خبر ته آرهڙ جي سيڪ ۾ سڙندڙ  عوام کي پيار جي ڳراٺڙي جي ڪيتري نه ضرورت هوندي آھي،  پارٽي بڙ جي گهاٽي وڻ جيان هوندي آھي، جتي نه فقط ڪارڪنن جي اميدن جا ميلا مچندا آھن پر پارٽي جا ڇانورا زندگي جا ٿڪ به لاهيندا آھن. جيتوڻيڪ هن وقت پ پ سميت مختلف پارٽين کي  پيار نه پر پئسي جي ضرورت آھي، پارٽين ۾ پيار ڳوليندڙ کي گهڻو پري رکيو وڃي ٿو، انهن لاءِ پارٽي اڳواڻن جي بنگلن جي انٽري بند هوندي آھي، جيئن ڪارونجهر ۾ جين ڌرم جي مندرن جا در بند آھن،  اها ڪهڙي خبر انهن مندرن جا در ڇو بند ٿي ويا ؟ ڪڏھن ته انهن مندرن ۾ پوڄارين جي پيهه هوندي هئي.

 پيار جي پيھه ب ايئن رهي ٿي۽ جڏھن اها ختم ٿئي ٿي ته ايئن واپس هلي وڃي ٿي،  جيئن ڏکڻ مينهن وسي هليا ويندا آھن. هن وقت جڏھن اسان جي ديس جا پورهيت ماڻھو ڏکين حالتن ۾ آھن، جيئن ڦاسي گهاٽ تي سزاوار ماڻھو موت جي انتظار ۾ هوندا آھن.

هن وقت موجوده حڪومت  بيوس نظر اچي ٿي۽ اليڪشن جي طرف وڃڻ جو سوچي رهي آھي، اليڪشن ٿئي ٿي ته ڪهڙي صورتحال بيهندي اهو الڳ بحث آھي. سوال اهو آھي ته گذريل ڪيترن ئي اليڪشنن کان هيل تائين ماڻھن کي ڇا مليو آھي ۽ ماڻھن ڇا وڃايو آھي؟

پ پ پورهيت عوام کان ملندڙ اهو پيار وڃائي ويٺي آھي، جيڪو پيار ڀٽي ۽ بينظير کي ملندو هو ۽ انهن کان وري عوام کي ملندو هو. اهو پيار اڄ نه پ پ جي اڳواڻن کان عوام کي ملي ٿو نه ئي عمران ، شھباز ۽ نواز کان ماڻھن کي ملي ٿو، پورهيت  ماڻھو اڄ به زندگي جي سفر۾  مشڪلاتن جي رڻپٽ ۾ پنڌ ۾  روان دوان آھن .

هو مسافرجو پيار کان وڇڙي

 رڻ ۾ رات ڪٽي ويا

گهاءَ تن جا گهرا هئا

 ڪيڏا اداس چهرا هئا

لوءَ لڳي ٿي

تون جو پيرا ڳولين

ريت ۾ لٽجي ويا جي

ٿو سويرا ڳولين

 سج چڙھي ٿو، گهوڙي وانگر

سنب لڳن ٿا سيني تي

تون ڏسين جي آئيني کي

سڀ ڪجھه پڌرو آھي

گهنگهور گهٽا جو گهيرو آھي

ماڻھو ڪيڏو ميرو آھي

ٿر ۾ وٽ جي علائقي جي هڪ ڀٽ تي اها شام  به ياد ٿي اچي، جنهن ۾ ڏکڻ کان اڀ تي ڪڪر ڀرجي آيا هئا، تيز هوا سبب اڏامندڙ پکي هوا ۾ ڪلٽيون کائي ٿي اڏاڻا،ڀٽ تي  منوهرلال نالي هڪ همراهه مليو هو جيڪو ڪنهن زماني ۾  پارٽي جو جيالو رهيو هو. ان وقت هن جي اکين هيٺان کل جون ڳوٿريون ڀرجي چڪيون هيون، هن ٻڌايوهو ته ڀٽي جي دور واري پ پ جا جهنڊا نه فقط هن علائقي جي وڻن تي جهولندا هئا، پر اهي ڪارونجهر جي چوٽي تي به ڪنهن ڪنواري جي پوتي جيان ڦڙڪندا هئا. هاڻي ته نه اها پارٽي رهي آھي  ۽ نه ئي اهي محبتون ،ايئن چئي هن سامهون پوڇانڊي ۾ بيٺل وڻن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀٽ تان لهندو سامهون اٺن جي وڳ ڏانهن وڃڻ لڳو.ان ويلي اٺن جي رڙڻ جو آواز ڏھرن کان ٿيندو ڀٽن جي چوٽين سان ٽڪرايو ٿي. آواز جي گونج، اتهاس جي چيخ بڻجي ڪنن ۾  گونجي ٿي۽ ايئن ٿي لڳو ڄڻ اتهاس جو اهو آواز حڪمرانن کان ان محبت جي شڪايت ڪري رهيو آھي، جنهن جي بدلي ۾ ھنن کي سدائين ڏک۽ ڏٽا ڏنا ويا آھن.