جهنڊومري (ن پ ا) پيارولنڊ لڳ ڳوٺ عبدالجبار روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار  30 ورهين جو  ڄيٺو ڀيل ۽ سندس 8 ورهين جي ڌيءُ انيتا ڀيل موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا، ٻي طرف ٽريڪٽر ٽرالي کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو   آهي.