پيارواسٽيشن (ن پ ا) پيارواسٽيشن ڀرسان ڳوٺ آندل چانڊيو وٽ دادو ڪينال کي روڻيون پئجي ويون آهن، روڻين سبب دادو ڪئنال کي وڏو گھارو لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو آهي. ڳوٺاڻن ڪيترن ڪلاڪن جي ڪوششنکانپوء پنهنجي مدد پاڻ روڻيون بند ڪري ڇڏيون، روڻين مان نڪتل پاڻي آندل چانڊيو جي ڳوٺ واري  قبرستان  تائين پهچي ويو. ڳوٺاڻن حاجي چانڊيو، مجاز، منظور، مشاهد، نورالدين چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته دادو ڪئنال جا ڪپر گزريل برسات جي راڱن سبب  ڪمزور ٿي ويا جنهن جي مرمت نه ڪئي وئي آھي جنهن جي ڪري دادو ڪينال  جي ٻنهي ڪپرن کي مختلف هنڌن تي روڻيون پئجي رهيون آھن روڻيون تيزي سان وڌي رهيون آھن تمام جلد روڻن واري جاين تان ڪٽ لڳڻ جو خدشو آھي. اسانجا فصل اڳيئي ٻڏل آھن مٿان وري ڳوٺ ٻڏڻ جو به خطرو آھي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه آھي. پهتو اسين  پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪري ڇڏيون آھن روڻيون بند ٿيڻ بدران تيزي سان بند کي پائي گهاري واري صورت اختيار ڪري رهيون هيون. هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دادو ڪينال جي ٻنهي ڪپرن جي مرمت ڪرائي ڳوٺ ۽ فصل ٻڏڻ کان بچايا وڃن.